خلاصه نجات

خلاصه نجات

خلاصه نجات

خلاصه نجات (قلمي): هي فارسي ٻوليءَ ۾ قلمي نسخو اڌيرام ٺٽويءَ جو لکيل آهي جيڪو دراصل بيد شاستر جو فارسي ترجمو آهي پر نسخي جي مٿان ڪنهن غلطيءَ سان مهاڀارت لکي ڇڏيو هو. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
’متوجه شدن شه کشن بصحرا بجهته
چرانيدن کاوان...‘
نسخو اول ۽ آخر ۾ ناقص آهي، اختتام هنن لفظن تي ٿئي ٿو:
’... مهاتم ايکاد سني نرس...‘
88 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو اڌي رام پٽ مولومل ٺٽويءَ جو فارسي ۾ ترجمو ڪيل آهي. شروعاتي ۽ آخري صفحا غائب هجڻ ڪري ڪاتب ۽ سن ڪتابت جي خبر نٿي پوي. نسخو خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو